درٻيلي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري مبينا جعلي عامل گرفتار ڪري ورتو, تعويذن ذريعي ٽي شاديون ڪرڻ جو به انڪشاف

ٺاروشاھه :- درٻيلي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري مبينا جعلي عامل گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن پاران تعويذن ذريعي ٽي شاديون ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ ٺاروشاھه ڀرسان درٻيلو ۾ پوليس ڪارروائي ڪري مبينا طور جعلي عامل کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. فريادي گلشير چانڊيو ٺاروشاھه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ بعد ميڊيا کي ٻڌايو ته جعلي عامل انور علي وسائي پوٽو ضلعي ٿرپارڪر اسلام ڪوٽ جو آھي، جيڪو اسان وٽ ڪيتري ئي عرصي کان ڳوٺ ايندو هو ۽ پوري ڳوٺ وارا هن کان ڌاڳو ڦيڻو ڪرائيندا هئا. ھن ڪجهه عرصو اڳ تعويذ ڪري اسانجي هڪ ناري مسمات گڏي چانڊيو سان شادي ڪئي ۽ ٽن مهينن بعد هو منهنجي نياڻي مسمات ياسينا چانڊيو کي به تعويذ وجهي ورغلائي شادي ڪرڻ لاءِ تنگ ڪري رهيو هو ۽ منهنجي پٽ کي ورغلائي ڪارو علم ڪري کيس اغوا ڪري وڃي رهيو هو ته اسان سندس پيڇو ڪري ٺاروشاھه پوليس جي مدد سان کيس گرفتار ڪرائي ورتو آھي. هوڏانهن جعلي عامل انور علي وسائي پوٽي ٻڌايو ته اسان خانداني فقير آھيون ڌاڳو ڦيڻو ڪري جن ڪڍڻ سان گڏ بيمار ماڻھن جي مدد ڪندا آھيون، هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ عورت گڏي چانڊيو کي جن فقير هو، جنهن جي طبيعت ٺيڪ نه رهندي هئي هڪ مولوي شادي ڪرڻ لاءِ چيو ته مائٽن جي اسرار تي ناري سان شادي ڪئي ۽ ھاڻي ٻي شادي لاءِ آئون نه پر فريادي جي ڌيءُ زور ڀري رهي هئي. آئون بيگناھه آھيان انصاف ڪيو وڃي.