دريا خان مري لڳ ملڪيتي تڪرار تان پ پ ايم پي اي شهناز انصاري قتل

نوابشاهه :-  پ پ ايم پي اي شهناز انصاري قاتلاڻي حملي ۾ مارجي وئي. درياخان مري ڀرسان ڳوٺ مراد کوکر ۾ مرحوم ڊاڪٽر زاھد کوکر جي چاليھي دوران کوکر برادري ۽ انصارين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب پيپلزپارٽي ايم پي اي ڊاڪٽر شھناز انصاري کي 3 گوليون لڳيون جنهن کي سخت زخمي حالت ۾ نواب شاھ  اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن جي ڀرپور ڪوششن باوجود شهناز انصاري زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي. جڏهن ته پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه جي ايم ايس ڊاڪٽر سعيده، ڊاڪٽر شمائلا ۽ شهناز پاران پ پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ وارث سوين آلين سان نوشهروفيوز کڻائي ويا. واقعي کان پوءِ جوابدار ڌر پنهنجا گهر ڇڏي هلي وئي ۽ آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي ڀيڻ کوکر برادري شادي ٿيل هئي سندس ڀيڻويو ڊاڪٽر زاهد کوکر 40 ڏينهن اڳ اٽيڪ ۾ فوت ٿي ويو ۽ درياخان مري ڀرسان ڳوٺ مراد کوکر ۾ سندس چاليهو هيو جتي کوکر برادري جي ماڻهن ايم پي اي شهناز انصاري وارن ڏانهن نياپو ڪيو هو ته اوهان جو زميني تڪرار هلي رهيو آهي تنهن ڪري هتي ڪو به واقعو رونما ٿي سگهي ٿو اوهان چاليهي تي نه اچو پر هو پنهنجي ڀيڻوئي جي چاليهي تي پهتي جتي سندس ڀيڻوئي جي ڀائيٽي وقار کوکر فائرنگ ڪي ڏني جنهن ۾ 3 گوليون محترمه شهناز انصاري کي لڳيون ۽ هو فوت ٿي وئي. پ پ ايم پي اي شهناز انصاري نوشهروفيروز مان 2 دفعا عورتن جي مخصوص سيٽن تي ايم پي اي ٿي ورڪر هجڻ سان گڏوگڏ هو پ پ ليڊيز ونگ جي صدر پڻ هئي . نوشهروفيروز جي مسئلن خاص ڪري اسپتال، تعليم جي مسئلن کي هن سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ۽ نوشهروفيروز ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۾ چونڊيل نمائنده هجڻ باوجود شامل رهندي هئي. ٻڌايو پيو وڃي ته هن پنهنجي زندگي دوران ڊي سي، ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين ڏانهن تحفظ لاءِ هڪ ليٽر پڻ لکيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته سندس ڀيڻويو ڊاڪٽر زاهد کوکرفوت ٿي چڪو آهي جنهن پنهنجي زندگي ۾ سموري ملڪيت پنهنجي گهرواري ۽ اولاد کي ڏيڻ جي لکت ڪري ويو آهي جنهن کان پوءِ زاهد کوکر جوڀاءُ اختر علي کوکر ۽ سندس پٽ مسلسل مونکي ڌمڪائي رهيا آهن ۽ چيو هو ته سندس زندگي کي خطرو آهي. ان باوجود کيس تحفظ نه ڏنو ويو ان سلسلي ۾ جڏهن ايم پي اي شهناز انصاري جي مڙس ڊاڪٽر حميد انصاري سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته تحفظ لاءِ مان ڊي سي ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کي درخواستون ڏنيون پر ان باوجود انتظاميه سندس سيڪيورٽي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا اڄ مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي. ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد، مظهر نواز شيخ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پ پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جو قتل سندس خانداني ملڪيت تان ٿيو آهي ۽ ان جي قتل ۾ پنهنجا عزيز ملوث آهن ۽ جنهن جوابدار پ پ پ ايم پي اي قتل آهي ان کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، هن چيو ته ايس ايس پي نوشهروز کي پ پ پ ايم پي اي پاران ڏنل درخواست جي مونکي ڪابه ڄاڻ ناهي، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ڪپٽن رائو بلال شاهد پي ايم سي اسپتال پهتو جتي هن  ميڊيا کي ٻڌايو ته پ پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جو قتل سندس خانداني تڪرار آهي ۽ مونکي واقعي تي ڏاڍو ڏک پهتو آهي، وزير اعليٰ سڌي طرح ايس ايس پي سان رابطي ۾ آهي ۽ مان پاڻ واقعي جي نگراني ڪري رهيو آهي ڪنهن به صورت ۾ جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو.