درياهه کي ختم ڪرڻ جو مطلب هڪ تهذيب کي ختم ڪرڻ آهي: ڪراچي سيمينار

ڪراچي := پهرين درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندو هو، هاڻي درياهه ۾ سامونڊي پاڻي آهي، درياهه کي ختم ڪرڻ جو مطلب هڪ تهذيب کي ختم ڪرڻ آهي، ڪراچي ۾ ڊيلٽا تي مقامي ماڻهن جي حق بابت سيمينار ۾ خطاب دوران سمنڊ تائين درياهي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو مطالبو، گل حسن ڪلمتي، ناصر پنهور، خالق جوڻيجو ۽ ٻين ماهرن ڪانفرنس کي خطاب دوران چيو آهي ته درياهي پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سامونڊي پٽي جا ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڊئمن جي اڏاوت سان رڳو درياهه نه پر سمنڊ کي به نقصان پهچي رهيو آهي