دريائي وهڪرا وڌڻ لڳا، سنڌ جو حصو هڪ لک 15 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو: ارسا

اسلام آباد : دريائي وهڪرا وڌڻ بعد پاڻي جي صورتحال ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي آهي، اهڙو اظهار اڄوڪي ارسا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس دوران چيو ويو ته درياهن ۾ پاڻي جي آمد 229100 ڪيوسڪ کان وڌي 252600 ڪيوسڪ ٿي وئي آهي، اڄ پاڻي جي وهڪرن ۾ 23،500 ڪيوسڪ جو اضافو ٿيو. تربيلا ڊيم مان پاڻي جو اخراج 90 هزار ڪيوسڪ کان وڌي ڪري 100،000 ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. چشما بيراج کان پاڻي جو اخراج هڪ لک ڪيوسڪ کان وڌائي هڪ لک ڏهه هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ پنجاب لاءِ پاڻي جي کوٽ فقط 13 سيڪڙو آهي جيڪا ڪالهه 18 سيڪڙو هئي، پنجاب جو حصو هڪ لک، هڪ هزار ڪيوسڪ کان وڌائي هڪ لک ست هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ جو حصو هڪ لک نو هزار ڪيوسڪ مان وڌائي هڪ لک پندرهن هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو