دبئي ۾ سنڌ جي عظيم سياسي مفڪر سائين جي ايم سيد جي 116هين سالگرھ, قومي ادبي خدمتن تي لفظن جي ڀيٽا پيش

دبئي ۾ سنڌ جي عظيم سياسي مفڪر سائين جي ايم سيد جي 116هين سالگرھ سنڌ وطن سان محبت ڪندڙ عاشقن پاران ملهائي وئي. تقريب ۾ سنڌ فرينڊز فورم جو ڪنوينر انجنيئر بشير آريسر، سھيل ابڙو ،پدم وير،حسين پتافي، مالڪ سومرو ۽ قوم دوست ڪردار ڊاڪٽر نياز ڪيريو سان گڏ ڊاڪٽر شبير سڌايو، رفيق کيڙو، شايان علي ۽ ٻين ڪيترن ئي مختلف رياستن مان قومي ساٿين شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ آجياڻو انجنيئر فهد ابڙو پاران ڏنو ويو جڏھن تہ قومي تحريڪ جي سينيئر ساٿي سهيل ابڙو پاران سائين جي قومي ادبي خدمتن تي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. صابر سنڌي، ٻيجل سنڌي ۽ امير جان چانڊيو پاران سيد کي شاعري پڙهي ڀيٽا ڏني وئي ۽ پروگرام جي آخر ۾ سنڌ فرينڊز فورم جي ڪنوينر انجنيئر بشير آريسر ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد جهڙا عظيم انسان ورلي ڪي قومن اندر جنم وٺندا آهن، سائين اسان کي سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري، اها محبت اسان کي به پرديس ۾ ڳنڍيو ويٺي آهي ۽ قومي خدمت جي جذبي سان فورم جي پليٽفارم تان سنڌين جي هر ممڪن مدد ڪندا رهندا آهيون. تقريب ۾ عامر ٽالپر، ڊاڪٽر سرائي مرتضي کهاوڙ، سارنگ ٽالپر ، عرفان پنهور، خالد زمان چولياڻي، چنچل راج، مهيش امراڻي، آزاد بڙدي، سارنگ سنڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌ دوستن شرڪت ڪئي.