دبئي: ڪورونا وائرس سبب ڏهه هزار پاڪستاني نوڪرين کان محروم

دبئي: ڪورونا وائرس سبب متحده عرب امارات ۾ 10 هزار پاڪستانين کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو آهي.پاڪستاني قونصل جنرل احمد امجد علي موجب 35 هزار پاڪستاني متحده عرب امارات مان واپسي جا خواهشمند آهن ۽ ان جي پاڪستان قونصل خاني ۾ رجسٽريشن ڪئي وئي آهي.  قونصل جنرل ٻڌايو آهي ته يو اي اي ۾ 10 هزار پاڪستاني ڪورونا وبا سبب نوڪرين مان هٽايا ويا آهن جن جي ملڪ واپسي جا انتظام ڪيا پيا وڃن.واپسي ۾ سياحن، نوڪري کان محروم ٿيندڙن ۽ بزرگن کي ترجيح ڏني ويندي. قونصل جنرل موجب دبئي ايئرپورٽ تي مسافرن جي واپسي  تي اسڪريننگ جا انتظام مڪمل آهن.پاڪستانين جي لاءِ فلائٽس آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر ايتري وڏي انگ ۾ پاڪستانين جي واپسي هڪ وڏو چيلنج آهي.ياد رهي ته متحده عرب امارات ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس  جي ڪيسن جو انگ 2200 کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته 12 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.