داد لغاري لڳ 7 گهرن کي باهه، ننڊ پيل ٻن ڀائرن سميت 3 ٻارڙا ڪوئلو ٿي ويا، 3 زخمي

داد لغاري/ ڏهرڪي:-  داد لغاري ڀرسان ڳوٺ عطا محمد مھر ۾  جي ءُ جهوريندڙ واقعو پيش آيو آهي جڏهن ته چانھ ٺاهڻ دوران پورھيت لالو مارواڙي جي گھر جي چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب مارواڙي برادري جي ست ڪکائن  گهرن کي باهه وڪوڙي وئي جنهن سبب کڪاون گهرن اندر ننڊ ۾ ستل 3 معصوم ٻارڙا ڪارتڪ جي، ڪيلاش جي ۽ ڇھه سالا معصوم ربينه سڙي فوت ٿي ويا ۽ هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور انتھائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان کڻائي ويا اھڙي واقعي ٿيڻ بعد گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پيءُ جي ويا اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندا رھيا، ھوڏانھن ست گھرن کي باهه جي اطلاع تي سوين ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهتا جتي ڳوٺاڻن جي پھچڻ کان پھرين تيزي سان پکڙيل باھ ست گھرن کي ساڙي ڇڏيو ھو، اهڙي واقعي تي علائقو سوڳوار بڻجي ويو ۽ ھر آک آلي ٿي وئي ٻي طرف اطلاع ملڻ باوجود فائرگيڊ عملو نه پهچي سگھيو