دادو ۾ گهرواري رسي وڃڻ تي نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

دادو :- دادو جي سورج آباد پاڙي ۾ 4 ٻارن جي پيءُ ڦاھو کائي زندي جو انت آڻي ڇڏيو.  نوجوان عامر پٽ اختر عباسي جو گھر جي ڪمري اندر ڇت جي پکي ۾ ٽنگيل لاش مليو، اطلاع تي اي سيڪشن پوليس پھچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو. مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي ڀيڻيوئي قربان عباسي ٻڌايو ته نوجوان سندس گهر واري سان نارضگي سبب ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي، سندس زال ٻه ڏينهن اڳ ناراض ٿي وئي هئي، هن چيو ته نوجوان ھڪ ھفتو اڳ ئي ڪرائي تي جڳھه وٺي شفٽ ٿيو ھو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او اي سيڪشن شفيع محمد گولو جو چوڻ هو ته نوجوان جو ميڊيڪل ڪرايو پيو وڃي. ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد حقيقت معلوم ٿي سگهندي، هن وقت بظاهر ته خودڪشي لڳي رهي آهي، فوتي نوجوان 4 ٻارن جو پيءَ هيو ۽ ويلڊنگ جي دڪان تي ڪم ڪندو هو، گذريل 40 ڏينهن کان دڪان بند هجڻ سبب بيروزگار پن هو.