دادو ۾ پي ٽي آءِ جي ڪائونسلر امتياز شاهاڻيءَ جو سڙيل لاش هٿ

دادو:-  دادو جي يونين ڪائونسل موندر جي ڪائونسلر جو سڙي راک ٿيل لاش قبرستان مان هٿ، اطلاع تي موندر پوليس پهچي لاش سول اسپتال دادو منتقل ڪيو، سندس ڀاءِ کي رات دير سان فون آئي ۽ هو گهران نڪري ويو، صبح جو قبرستان مان سڙيل لاش مليو آهي معاملي جي جاچ ڪرائي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي (مقتول جو ڀاءَ پوليس اهلڪار پيار علي شاهاڻي)، علائقي ۾ خودڪشي جا چوٻول، رات دير سان علائقي جي پيٽرول پمپ تان مقتول نوجوان پيٽرول بوتل ۾ خريد ڪيو هو (علائقي ۾ چوٻول)، واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي مامري جا اصل حقائق جيڪي هوندا اهي ميڊيا آڏو پيش ڪيا ويندا (ايس ايڇ او موندر):- دادو جي يونين ڪائونسل موندر جو ڪائونسلر امتياز شاهاڻي جو درگاهه شهنشاهه جي قبرستان مان سڙي رک ٿيل لاش هٿ اچڻ جي اطلاع تي موندر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو، مقتول نوجوان جي ڀاءِ پوليس اهلڪار پيار علي شاهاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته نوجوان گهر واري ۽ ٻن ٻارن سان گڏ الڳ رهندو هو، ڏينهن جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ دوران گهر واري ۽ ٻارن کي پنهنجي سالي جي گهر ڇڏي پوءِ ويندو هو. رات هو جيئن واپس آيو ته پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن کي اتان وٺي پنهنجي گهر آيو ۽ رات جو دير سان سندس ڪال آئي ته هو ٻاهر نڪري ويو، جنهن بعد صبح جو سڙي رک ٿيل لاش جا اطلاع مليا. هن چيو ته ظلم ٿيو آهي ڪنهن ظالم سندس ڀاءَ کي قتل ڪيو آهي جنهن جي جاچ شفاف ڪرائي قاتلن کي ڪيفري ڪردار تائين پهچايو وڃي، ٻي طرف رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او موندر محمد صديق ملاح جو چوڻ هو ته لاش مڪمل طور سڙي ويو آهي جنهن جو ميڊيڪل ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جيڪي اباڻي ڳوٺ گل محمد شاهاڻي کڻائي ويا آهن، هن چيو ته معامري جي جاچ ڪيو پيا قتل آهي يا خودڪشي ان بابت اصل حقائق ميڊيا آڏو پيش ڪيا ويندا،