دادو ۾ پوليس اهلڪار جي ڌيءُ سان زيادتي: معصوم شاگرد گرفتار، رمانڊ تي پوليس حوالي

دادو :- دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملاح پاڙي ۾ پوليس اهلڪار علي نواز پنهور جي 10 سالا نينگري (س پ ) سان 7 ڪلاس جو شاگرد 12 سالا علي رضا پنهور پاران مبينا جنسي زيادتي ڪئي وئي آهي، واقعي جو ڪيس دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي نينگري جي والد پوليس اهلڪار علي نواز پنهور پاران گناهه نمبر 24/2020 قلم 376 پي پي سي تحت داخل ڪرايو ويو آهي، فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدار 12 سالا علي رضا پنهور سندس پاڙيسري آهي ٻنهي جا گهر هڪ ٻئي سامهون آهن نينگري کي پنهنجي گهر ۾ 4 ڏينهن اڳ زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو نينگري جي طبعيت مسلسل خراب هئي گذريل رات نينگري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي جنهن سبب هن کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو جتي ليڊي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر طاهره آريجو نينگري سان زيادتي جي تصديق ڪئي، نينگري جي حالت ڳڻتي جوڳي هئن سبب سول اسپتال دادو جي گائني وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن اي سيڪشن پوليس الزام هيٺ آيل 7 ڪلاس جو شاگرد علي رضا پنهور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ٿيل نينگر کي دادو جي عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو جتي عدالت ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ لاءِ پوليس حوالي ڪيو، پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار نينگر علي رضا پنهور نينگري سان زيادتي جو اعتراف ڪيو آهي، ذريعن موجب ڪيس ۾ نامزد جوابدار 12 سالا نينگر علي رضا پنهور يتيم آهي سندس والد شعاب الدين پنهور ڏيڍ مهينو اڳ وفات ڪري چڪو آهي گهر ۾ سندس والده آهي، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته الزام هيٺ آيل گرفتار نينگر علي رضا پنهور ۽ زيادتي جو شڪار نينگري سائره پنهور جو ڀاءَ پاڻ ۾ دوست آهن ۽ اڪثر هڪ ٻئي سان گڏ هوندا آهن، گرفتار نينگر علي رضا پنهور جي امڙ مطالبو ڪيو آهي ته معامري جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.