دادو ۾ ٻن سالن جِي معصوم نياڻي وحشت جو نشانو بڻجي وئي

دادو:= دادو ۾ ٻن سالن جِي معصوم نياڻي وحشت جو نشانو بڻجي وئي، نيم بيهوشي ۽ رتورَت حالت ۾ گهرٻاهران ڦٽو ڪَيل ٻارڙِي سول اسپتال دادو ۾ ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ ڪري ڪيتري ئِي دير تائين تڙپندي رهِي، نازڪ حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو،گرفتار جوابدار اياز پنهور معصوم ٻارڙِي کي حوس جو نشانو بڻائڻ جو اعتراف ڪري ورتو، بي سيڪشن ٿاڻي تي سندس خلاف ڪيس به داخل ٿي ويو، دادو واسين جو واقعي خلاف ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هڻي جوابدار کي سرِعام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ايس ايس پي دادو اعجاز شيخ چيو ته ميڊيڪل ٽيسٽ لاءِ جوابدار جا جزا ورتا ويا آهن، سندس خلاف قانوني موجب سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي