دادو ۾ ٻارڙن سان بدفعلي جا واقعا وڌي ويا،درجنين ٻارڙن سان ڏاڍائيءَ جو انڪشاف

دادو :- دادو ۾ معصوم ٻارڙن سان جنسي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو آهي جڏهن ته پوليس جي رڪاڊ ۾ ٽن سالن جي دوران 27 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن ٽن سالن جي دوران دادو ضلعي جي چئن تعلقن جوهي.ميهڙ ،ڪي اين شاه. دادو ۾ 60 کان وڌيڪ واقعا پيش اچي چڪا آهن جن ۾ ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته پوليس پاران داخل ڪيل ٽن سالن جي دوران 27 ڪيس رجسٽرڊ مان 14 ڪيس چالان .جڏهن ته 9 ڪيس C ڪلاس ۽ 4 بي ڪلاس ۾ خارج ڪيا ويا آهن جڏهن ته پوليس پاران وقت سر ڪيسن ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ جي خلاف ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪري بک هڙتالون ڪيون پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آهي جڏهن ته مليل اطلاعن جي مطابق ڪيترائي معصوم ٻارڙن سان زيادتي جي واقعن جا راڄوڻي فيصلا ڪري مسئلا حل ڪيا ويا آهن جڏهن ته دادو ۾ ڏينهون وڌندڙ واقعن بابت دادو جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن داڪٽر جبار ٻٻر .ڪاشف چانڊيو .۽ ٻين چيو ته دادو ضلعي ۾ معصوم ٻارڙن جي  سان جنسي ڏاڍائي وارن واقعن ۾ پوليس پاران سهڪار نه ڪرڻ تي انهن جا راڄوڻي فيصلا ڪيا وڃن ٿا جنهن جي ڪري معصوم ٻارڙن سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار آزاد ٿي وڃن ٿا ،پوليس صحيح نموني سان والدين سان سهڪار ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ته اهي واقعا گهٽ پيش اچي سگهن ٿا.