جسفم پاران سرائي قربان کهاوڙ جي سالگره تي ڀيٽا ۽ تصوير آڏو گلن جي ورکا. سنڌ سميت آمريڪا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تقريبون ۽ ڀيٽا پيش

ٽيڪساس: جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ مرڪز جي سڏ تي شهيد سنڌوديش سرائي قربان کهاوڙ جي 50 هين سالگره عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي۔ مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سهيل سنڌي پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب شهيد سرائي قربان کهاوڙ جي 50 هين سالگره جي مک تقريب آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مرڪزي چيف آرگنائيز ظفر سهتو شهيد سرائي قربان کهاوڙ جي تصويرن مٿان گل نڇاور ڪيا ۽ ڪيڪ ڪاٽي شهيد سرائي قربان کهاوڙ کي خراج تحسين پيش ڪيو۔جڏهن ته جسفم جي جلاوطن قيادت ڊپٽي چيف آرگنائيزر سهيل سنڌي، آرگنائيزر حسين سنڌي، آرگنائيزر زبير سنڌي ۽ ٻين پاران پڻ مختلف ملڪن ۾ شهيد سرائي قربان کهاوڙ جي سالگره جون تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا۔ جسفم جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي ڪورنگي, ڪراچي ڀٽائي آباد1، ڪراچي ڀٽائي آباد2، ڪراچي جوھر موڙ, ڪراچي ڪراسنگ, ڪراچي ملير,حيدرآباد, قاسم آباد حيدرآباد, ڪراچي عوامي ڪالوني, گھوٽڪي ,دادو ,لاڙڪاڻو, نوشھروفيروز, شڪارپور,

لکي غلام شاھ شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ جسفم جي سورمين ۽ سرويچن پاران سالگره جون تقريبون ڪوٺايون ويون، جڏهن ته شهيد سرائي قربان کهاوڙ جي تصويرن اڳيان ميڻ بتيون ٻاري ۽ گلن جي ورکا ڪري کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪري ڪيڪ پڻ ڪاٽيا ويا۔ ان موقعي تي جسفم مرڪز پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ مرڪزي قيادت چيف آرگنائيزر ظفر سهتو، ڊپٽي چيف آرگنائيزر سهيل سنڌي، ڊپٽي آرگنائزر حفيظ ديشي, آرگنائيزر حسين سنڌي، آرگنائيزر زبير سنڌي، آرگنائيزر بختاور سنڌو، آرگنائزر امر آزادي, آرگنائيزر سوڍو سنڌي ۽ ٻين چيو آهي تهسرائي قربان کهاوڙ سنڌوديش جي آزادي لاء شعوري طور شهادت جي چونڊ ڪري عظيم مثال قائم ڪيو آهي ۽ جسفم به سندس نقش قدم تي هلي سنڌي قوم کي مثال قائم ڪري ڏيکاريندي۔هنن چيو ته پنجابي سامراج باکوڙي موري وٽ شهيد سرائي قربان کهاوڙ کي ساٿين سميت بيدردي سان شهيد ڪري سنڌي قوم منجھ خوف ۽ ڏهڪاء پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام ٿي وئي آهي۔جسفم قيادت پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ان عزم جو ورجاء ڪندي چيو آهي ته شهيدن جو ڇڏيل مشن جسفم جون سورميون ۽ ىسرويچ هر صورت ۾ پورو ڪندا ۽ سنڌوديش جي آزادي تائين ۽ ساھ جي آخري پساھ تائين پنجاب سامراج سان ويڙھ جاري رکبي۔