دادو ۾ بدامني ۾ واڌ باوجود پوليس اهلڪارن کي ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ ملڻ لڳا

دادو:- دادو ۾ بدامني ۾ اضافو اچي ويو آھي هڪ مهيني جي اندر ضلعي جي چئن ئي تعلقن۾ اندر 60  کان ننڍيون وڏيون وارداتون پيش آيون آھن  جڏهن ته ايس ايس پي فرخ رضا ملڪ پاران مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ او کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا پيا وڃن ٻئي پاسي دادو جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ ڦر ۽ چوري ۾ متاثر ٿيل شهرين جو چوڻ آھي ته ڪيڏو نه ڏک جهڙي ڳالهه آھي  بدامني جي ڪري گهرن مان نڪري نه ٿا سگهون پوليس بدامني کي روڪڻ ۾ناڪام ٿي چڪي آھي شهري ڏينهن ڏٺي جو سرعام وچ شهر مان لٽجي رهيا آھن جن کي هن مهل تائين رڪوري نه ٿي ملي آھي   هتي خبر ناهي ڪهڙي ايس ايڇ او ڪارگردگي ڪئي آھي جو ايس ايس پي کين تعريفي سرٽفڪيٽ ڏنا پيا وڃن.