دادو: ڪي اين شاھ ڀرسان وڏيري ۽ سندس ڀاءُ جو پورهيت جي گهر تي حملو، تشدد، پيرسن عورت نظيران ۽ سندس ڌيءَ زخمي

دادو := ڪي اين شاھ ڀرسان وڏيري ۽ سندس ڀاءُ جو پورهيت جي گهر تي حملو، تشدد، پيرسن عورت نظيران ۽ سندس ڌيءَ بابره زخمي ٿي پيون، مسمات نظيران دانهيندي چيو ته وڏيري سائين بخش اعواڻ ۽ سندس ڀاء گلزار گهر ۾ گهڙي سوٽين سان تشدد ڪري زخمي ڪيو، وڏيري مونکي ۽ منهنجي ڌيءَ کي ٻانهن ۾ چڪ به هنيا آهن ،وڏيري گڏھ فصل ۾ پوڻ جو چئي تشدد ڪيو آهي، سندس خلاف ڪاروائي ڪري،انصاف ڪيو وڃي