دادو ڀرسان 6 مهينن تائين لڄالٽ جو نشانو بڻجڻندڙ معذور ناري نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت

دادو :- دادو ڀرسان 6 مهينن تائين لڄالٽ جو نشانو بڻجڻ بعد ٻار کي جنم ڏيندڙ معذور ناري به فوت ٿي ويئي. خدا آباد ڀرسان ڳوٺ محب جلباڻي جي رهواس ناري شهناز جلباڻي لڄالٽ جو نشانو بڻجڻ بعد 2 ڏينهن اڳ ٻار کي جنم ڏنو، جيڪو فوت ٿي ويو هو ۽ ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه نيو ويو، جتي ناري به فوت ٿي ويئي. ناري ذهني ۽ جسماني طور معذور هئي، کيس جوابدارن لڄالٽ جو نشانو بڻايو هو. ناري جو لاش دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽرز ۽ وارثن جو چوڻ هو ته ٻار فوت ٿيڻ بعد ناري شهناز لڳاتار روئي رهي هئي ۽ سيزر ٿيڻ کانپوءِ سندس پيٽ ۾ ڦوڪجي ويو هو، جنهن ڪري سندس حياتي بچي نه سگهي. واضح رهي ته ذهني ۽ جسماني طور معذور ناري شهناز جلباڻي کي نوجوان اسد ڳجهه ڳوهه ۾ 6 مهينن تائين لڄالٽ جو نشانو بڻائيندو رهيو، جنهن ڪري هو ڳورهاري ٿي ويئي هئي. پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو هو.