دادو ڀرسان 3 جوابدارن پاران نينگريءَ سان اجتماعي جنسي زيادتي

دادو:- اميناڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سڄڻ ٻگهيو ۾ 12 ورهين جي نينگري مومل ٻگهيو کي اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي. نينگري جو پيءُ فرياد کڻي اميناڻي ٿاڻي تي پهچي ويو، پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ جي شڪايت تي ايس ايس پي دادو معامري جو نوٽيس ورتو، نينگري سان زيادتي جو ڪيس داخل، جوابدار گرفتار. رپورٽ موجب اميناڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سڄڻ ٻگهيو ۾ 12 ورهين جي نينگري مومل ڌي غلام عباس ٻگهيو کي ٽن جوابدارن پاران مبينا طور اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، اهڙي شڪايت کڻي نينگريءَ جو پيءُ اميناڻي ٿاڻي پهتو پر سندس ڪوبه داد فرياد نه ٿيو ايس ايس پي دادو کي معامري جي خبر پوڻ تي نوٽيس وٺندي نينگري سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا، اهڙن حڪمن بعد اميناڻي ٿاڻي تي نينگريءَ جي چاچي شاهد ٻگهيو جي فرياد تي بلاول، خالد ٻگهيو ۽ هڪ نامعلوم مٿان گناهه نمبر 4/2020 قلم 376/2,496A تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته بلاول، خالد ۽ هڪ نامعلوم جوابدار نينگريءَ کي زبردستي کڻي ويا ۽ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ايس ايڇ او گلزار خشڪ ڪيس ۾ ڄاڻايل ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او گلزار خشڪ ٻڌايو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ميڊيڪل ڪرائڻ بعد سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي طرف نينگري جي ميڊيڪل ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر ريمان جو چوڻ هو ته نينگريءَ سان زيادتي ٿيڻ جو شڪ آهي، جزا ليبارٽري اماڻيا ويندا رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو. هوڏانهن: اميناڻي ٿاڻي جي حد ۾ ناري سان اجتماعي زيادتي، ڪيس داخل نه ڪرڻ جي شڪايت ۽ شهيد اهلڪار جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ جو ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او اميناڻي عبدالحميد ڏهيو کي سسپنڊ ڪري پوليس لائين رپورٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن جڏهن ته اميناڻي ٿاڻي جي چارج خدا آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او گلزار خشڪ حوالي ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي دادو جو چوڻ آهي ته نينگري سان زيادتي معامري جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي نينگري سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته شهيد اهلڪار جا قاتل جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ هوندا.