دادو ڀرسان هڪ مهينو اڳ اغوا ڄاڻايل ناري سيتا مسلمان ٿي جيڪب آباد واسي نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي

دادو :-  دادو ڀرسان هڪ مهينو اڳ اغوا ڄاڻايل ناري سيتا مسلمان ٿي جيڪب آباد واسي نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي. جوهي جي عدالت ۾ پيشي وقت ناريءَ کي امڙ ڳراٺڙي پائي روئندي رهي. ڳوٺ موندر مان هڪ مهينو اڳ اغوا ڄانايل ناري سيتا مور اوڏ کي موندر پوليس طرفان سيڪنڊ سول جج جوهي ايٽ دادو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ناري عدالت ۾ بيان ڏنو ته هُن مسلمان ٿيڻ بعد جيڪب آباد واسي نوجوان عبدالحميد رند سان حيدرآباد جي عدالت ۾ نڪاح ڪيو آهي. مسلمان ٿيڻ کانپوءِ سندس نئون نالو زينب رکيو ويو آهي ۽ هُن رضا خوشيءَ سان پسند جي شادي ڪئي آهي. ناري چيو ته سندس وارثن طرفان داخل ڪرايل اغوا جو ڪيس ڪوڙو آهي، هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ گهري ٿي. بيان بعد عدالت ناريءَ کي مڙس حوالي ڪري ڇڏيو.عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي مسمات گُل پري پنهنجي ڌيءُ کي ڳراٺڙي پائي روئندي رهي ۽ کيس چيو ته ناز سان پاليو، پر تون ٻئي ڪنهن ڏي وڃي کين عذاب ۾ وجهي وئي آهين. ناريءَ جي امڙ چيو ته سندس ڌيءُ کي ورغلايو ويو آهي ۽ زبردستي کائنس اهڙو بيان ڏياريو ويو آهي.