دادو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ طلاق وٺڻ لاءِ عدالت ويندڙ عورت قتل

دادو : دادو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ طلاق وٺڻ لاءِ عدالت ويندڙ عورت قتل ٿي وئي، ڳوٺ عبدالحق جمالي لنڪ روڊ تي عورت مٿان فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب عورت اميران جتوئي مارجي وئي، واقعي واري هنڌ موجود ڳوٺاڻن موجب اميران جتوئي کي مڙس مبينا طور پستول جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته عورت مڙس کان خلع وٺڻ لاءِ عدالت وڃي رهي هئي، پوليس موجب عورت عدالت ايندي قتل ٿي وئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا