دادو لڳ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائرن هٿان تيزاب هاري ڀيڻ زخمي، اسپتال منتقل

دادو:- دادو ڳوٺ لطف علي ڀنڊ ۾ ڀائرن ملڪيت جي تڪرار تان ڀيڻ مٿان مبينا طور تيزاب هاري ڇڏيو زخمي حالت ۾ سول اسپتال داخل خبر موجب دادو ڳوٺ لطف علي ڀنڊ ۾ ڀائرن ملڪيت جي تڪرار تان  جوابدارن پنهنجي ڀيڻ  بچڻ زال محمد يعقوب ڀنڊ مٿان مبينا طور تيزاب هاري ڇڏيو جنهن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال دادو آندو ويو جتي زخمي عورت بچڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو ڀاء ۽ ڀائيٽين غلام حسين،مجيد امداد.نثار ۽ ستار ڀنڊ زمين جي حصي تان هٿ نه کڻڻ تان مٿان تيزاب هاري زخمي ڪيو آهي هن چيو ته منهنجا ڀائر ۽ ڀائيٽيا مون کي ملڪيت تان هٿ کڻڻ تان ڌمڪيون ڏيندا هئا جيڪا ڳالهه مون ڳوٺ جي وڏيرن سان ڪئي جنهن تي هو ناراض هئا جن مون مٿان تيزاب هاريو آهي هن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.