دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ٻارن جي ڳالھ تان جھيڙو، شاگرد زخمي

دادو. دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ٻارن جي ڳالھ تان جھيڙو، شاگرد زخمي ٿي پيو،  زخمي شاگرد رئوف لنڊ کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو آھي، زخمي شاگرد دانھيو تہ جوابدار منور ٻٻر، شوڪت ٻٻر، عاقب ٻٻر حملو ڪري زخمي ڪيو آھي، بي سيڪشن ٿاڻي تي واقعي جي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آھي پر ڊيوٽي انچارج اي ايس آء گل محمد با اثر جوابدارن سان راڄوڻي لاء دٻاء وجھي رھيو آھي,،. ھن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو تہ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.