دادوءَ ۾ بدامني جي باهه، مهيني اندر 35 موٽرسائيڪلون ڦر; بک هڙتال

دادو:- دادو شھر ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي اٿي، هڪ مهيني دوران دادو شهر جي اي سيڪشن ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حدن مان 35 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون ڦر ۽ چوري جون وارداتون، 12 دوڪانن مان نامعلوم چور تالا ٽوڙي لکين روپين جو سامان چوري ڪري ويا، 8 گهرن مان چور لکين روپين جا سونا زيور، قيمتي سامان ۽ نقد رقم چوري ڪري ويا، شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرو، علامتي بک هِڙتال، پوليس خلاف سخت نعري بازي، ڦر ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪلون، سامان، نقد ۽ سونا زيور واپس ڪرائڻ ۽ ڏوهارين خلاف ڪاروائي جو مطالبو;- دادو ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي اٿي آهي، هڪ مهيني دوران دادو شهر جي اي سيڪشن ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حدن مان 35 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون ڦر ۽ چوري جو وارداتون ٿيون  شهر جي مختلف ڪاروباري علائقن ۾ 12 کان وڌيڪ دوڪانن جا نامعلوم چور تالا ٽوڙي لکين روپين جي ماليت جو سامان ۽ نقد رقم چوري ڪري ويا آهن، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ 8 گهرن مان نامعلوم چور لکين روپين جا سونا زيور، قيمتي سامان ۽ نقد رقم چوري ڪري ويا، مٿين ڄاڻايل چورن ۽ ڦرن جون دادو جي اي سيڪشن ۽ بي سيڪشن ٿاڻي تي متاثرن پاران رپورٽون داخل ڪرايون ويون آهن، دادو ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا آهن شهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي، مظاهرين پير مٺل، غلام نبي ٻٻر، ڀائي خان برھماڻي ۽ ٻين دانهيو ته دادو پوليس پورو شهر ڏوهارين حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ڏينهن ڏٺي جو به ڦرون چوريون عام ٿي ويون آهن، ٿاڻا ٺيڪن تي منڇن حوالي ٿيل آهن، ڏوهاري سرعام شهر جو امن امان خراب ڪري رهيا آهن پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن چيو ته شهر جي مختلف علائقن مان موٽر سائيڪلون ڦر ۽ چوري ٿيون، دوڪانن ۽ گهرن ۾ ڌاڙا لڳا، هڪ مهيني دوران پوليس هڪ به رڪوري نه ڪرائي سگهي آهي، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته فوري طور دادو شهر ۾ امن امان بحال ڪري ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ڏوهارين جي ساٿاري پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن کي دادو مان نيڪالي ڏئي عوام جي جان و مال جو تحفظ ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيح ڪيو ويندو.