خيپرپور لڳ پوليس چڙهائي ۽ نوجوان کي کنڀڻ خلاف وارثن جو ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو

خيرپور :- خيرپور ڀرسان ڳوٺ وڏيرو موريو ڦلپوٽو لڳ ڏانورو جي رهواسين الله ڏنو ڦلپوٽو، غلام شبير ، آصف علي ، ولي محمد ، مختيار ، فيصل ، عليداد ، محمد ڇٽل ، مسمات بچل، مسمات زبيداه ، مسمات نذيران ، مسمات عالما ، مسمات ڪوڙي ۽ ٻين ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو . ان موقعي تي مظاهرين صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ سال اڳ اسان جي نوجوان محمد امين ڦلپوٽو کي اسان جي مخالفن قتل ڪري ڇڏيو هو . جنهن جو ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي . پر انهن خلاف ڪو به ايڪشن نه ٿي سگهيو آهي. ايس ايڇ او سي سيڪشن ممتاز کاوڙ اسان جي مخالفن جي وانگار وهندي ٻه ڏينهن اڳ الله ڏنو ۽ سندس ڀاءَ فيض محمد ڦلپوٽو کي گرفتار ڪيو هو . جنهن بعد پوليس اسان جي نوجوان الله ڏنو ڦلپوٽو جي آزادي لاءِ هڪ لک روپيه رشوت وٺي آزاد ڪيو هيو . جڏهن ته پوليس فيض محمد کي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي . جنهن خلاف آواز اٿارڻ تي پوليس اسان مٿان ڏمرجي پئي آهي .  جنهن بعد پوليس گذريل رات اسان جي گهرن ۾ گهڙي اسان جي 17 ورهين جي نوجوان ڪامل علي ولد الله ڏنو ڦلپوٽو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي . اسان کي شڪ آهي ته پوليس اسان جي نوجوان کي هٿرادو مقابلي ۾ هاف يا ڦل فرائي ڪندي . هنن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي سکر ، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان کي آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.