خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن لاوارث: ريلوي انتظاميا مسافرن کي ٻٽي عذاب ۾ اڪيلو ڇڏي ڏنو

خيرپور: خيرپور ڀرسان ريلوي انتظاميا جي جُڳاڙن سبب بزنس ٽرين جي بوگي پٽڙيءَ تان لهي وئي آهي. پنجاب کان ڪراچي ويندڙ بزنس ايڪسپريس ٽرين جي بوگي خيرپور ڀرسان پٽريءَ تان لهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرين جو ڊائون ٽريڪ متاثر ٿيو آحي. اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون ۽ ريلوي عملو پهتو. انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٽريڪ متاثر ٿيڻ کانپوءِ مختلف اسٽيشنز تي ريل گاڏين کي روڪيو ويو آهي. حادثي ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو، ڪجهه مسافرن کي معمولي زخم رسيا آهن. انتظاميا موجب ٽريڪ جي بحاليءَ لاءِ ڪم جاري آهي.
مسافرن دانهيو آهي ته بزنس ٽرين پهرين به 2 ڀيرا خراب ٿي، خانيوال ۽ روهڙي ڀرسان ٽرين ۾ مسئلو ٿيو، پر ريلوي انتظاميا فني خرابي مڪمل طور ختم ڪرڻ بدران جُڳاڙ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرين مختلف وقتن تي بيهجي وئي آهي. ريلوي انتظاميا جي سنگين لاپرواهي جي نتيجي ۾ مسافرن کي خوف سان گڏ ڪيترين ئي پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو آهي.