خيرپور ويجهو ناري ڏنڊا هڻي بيدرديءَ سان قتل، سهرو گرفتار، مڙس هٿ نه آيو

خيرپور :-  خيرپور ويجهو مڙس ۽ سهري مبينا طور ناري کي تشدد بڻائي قتل ڇڏيو، پوليس سهري کي گرفتار ڪري ورتو. سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سچل ملاح ۾ ڏنڊا لڳڻ ڪري 20 ورهين جي مسمات ظهيران ميراڻي سخت زخمي ٿي پئي. اطلاع تي سندس ڀاءُ بلاول پهتو، جنهن کيس نازڪ حالت ۾ سول اسپتال خيرپور آندو. پر علاج دوران ناري زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي. وارثن پاران ناري جي قتل جو الزام مڙهڻ بعد سي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس مقتولا جي سهري ممتاز ميراڻي سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. بعد ۾ مقتولا جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ناري جي ٻئي ڀاءُ گل حسن ميراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 5 سال اڳ منهنجي ڀيڻ جي شادي صاحب ميراڻي سان ٿي هئي، جنهن کي ڪجهه عرصو گذرڻ بعد هن ٻي شادي ڪئي، ٻي شاديءَ کانپوءِ منهنجي ڀيڻ مٿان مڙس صاحب ميراڻي، سهرو ممتاز ميراڻي ۽ ڏير سخت تشدد ڪندا هئا ۽ ڪيترائي ڀيرا کيس گهر مان پڻ ڪڍي ڇڏيو هو. هن الزام هنيو ته هينئر هڪ سازش تحت منهنجي ڀيڻ کي انهن ڏنڊا هڻي قتل ڪرڻ بعد واقعي کي حادثي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. هوڏانهن سي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته مسمات ظهيران ميراڻي جي ڀائرن جي نشاندهيءَ تي سندس سهري ممتاز ميراڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس مڙس کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.