خيرپور مان پوليس شاگرد سان بدفعلي ڪندڙ رٽائرڊ استاد سارنگ شرکي گرفتار ڪري ڇڏيو

ڪنب:- ٺري ميرواهه ۾شاگردن سان بدفعلي ڪندڙ رٽائرڊ استاد سارنگ شر کي ڪنب پوليس پاران گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،ڪنب پوليس جو چوڻ آهي ته شاگرد سان بدفعلي جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد جوابدار سارنگ شر گم ٿي ويو هو، جنهن کي خيرپور مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار تي زيادتي جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرايل آهن، رٽائرڊ استاد پاران نينگرن سان زيادتي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مظاهرو ڪندي جوابدار کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.