خيرپور مان مبينا طور گم ٿيل سنڌ سيڪريٽريٽ ملازم جو ميرواهه ڪئنال مان لاش هٿ

خيرپور:-  ٻه هفتا اڳ خيرپور جي ٽالپور ڪالوني جي رهواسي سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازم بلاول ميمڻ جيڪو ڪراچي ۾ گهر گهمڻ لاءِ آيل هو اهو اوچتو گم ٿي ويو هو، جڏهن ته 10 ڏينهن اڳ اي سيڪيشن ٿاڻي جي پوليس ٺيڙهي ڀرسان ميرواه ڪئنال جي ڪناري تان مقتول جو موبائل فون، چپل هٿ آئي هئي ۽ اتي رت جو نشان به مليا هئا. جنهن بعد اورثن ۽ پوليس سکر مان نيوي جا ٽوٻا گهرائي لاش جي ڳولا ڪئي پر 10 ڏينهن تائين لاش نه ملي سگهيو هو، جنهن بعد سومر ڏينهن صبح جو خيرپور ڀرسان سمنگ پل وٽ ميرواه ڪئنال ۾ ڳوٺاڻن لاش پوليس کي اطلاع ڪيو ۽ پوليس لاش ڪڍرائي باهر رکيو ته ان سڃاڻپ گم ٿي ويل نوجوان بلاول ميمڻ طور ٿي، جنهن بعد پوليس سول اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو، لاش اوچتو سندس گهر۾ پهتو ته امڙ لاش کي ڏسي چنبڙي بيهوش ٿي ويئي، جنهن بعد مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي ويئي،جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شهرين ، مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مرحوم کي اباڻي قبرستان م دفن ڪيو ويو،جڏهن ته هن سلسلي ۾ مرحوم جي مامي سليم ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي منهنجي پٽ کي اغوا بعد بيدردي قتل ڪيو ويو آهي اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي خدا کين تباه ڪندو،هن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي، آخري اطلاعن تائين پوليس ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪيو هو ۽ نه وري ڪو ڪيس وعيره داخل ڪيو هو، ذريعن موجب، مقتول بلاول جو هڪ بااثر شخص سان پلاٽ جي معاملي تي تڪرار به هلندڙ هو.