خيرپورن ناٿن شاهه ويجهو هوٽل تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو: قاتل فرار

خيرپور ناٿن شاهه : ڪي اين شاهه ۾ هوٽل تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڀائر مارجي ويا. واقعي بعد هٿياربند فرار ٿيڻ ڪامياب ٿي ويا. مارجي ويلن ۾ ڪي اين شاهه ڊگري ڪاليج جي ڪلارڪ مختيار کوهارو ۽ پرائمري استاد نظير کوهارو شامل آهي. فوتين جا لاش ضروري ڪارراوئين لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا جتي ضرروي ڪارروائين بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.