خورشيد شاهه جي 8 سال اڳ فوت ٿيل وڏي ڀاءُ کي نيب جو نوٽيس جاري

ڪراچي :-  اڳوڻي وفاقي وزير خورشيد شاهه جي 8 سال اڳ فوت ٿيل وڏي ڀاءُ سيد علي نواز شاهه کي نوٽيس جاري ڪري 3 مارچ تي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار کي مليل ڪال اپ نوٽيس ۾ نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالحسن ڪاشان پاران سيد علي نواز شاهه ولد مرحوم سيد ذوالفقار علي شاهه جي نالي تي پنج ڏينهن اڳ ۾ جاري ڪيل ڪال اپ نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته نيب پاران سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سندس خاندان خلاف انڪوائري ڪئي پئي وڃي جنهن لاءِ جوڙيل جوائنٽ ٽيم آڏو 3 مارچ تي پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ۽ شاهه اسپننگ مل جي حوالي سان گهربل سمورو رڪارڊ پڻ پاڻ سان گڏ آڻي، جاري ڪيل نوٽيس جي حوالي سان معلوم ڪرڻ تي ٽرانسپورٽ کاتي واري صوبائي وزير سيد اويس شاهه تصديق ڪندي چيو آهي ته نيب پاران 8 سال اڳ فوت ٿي ويل سيد علي نواز شاهه جي نالي تي ڪال اپ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو سندس گهر جي ايڊريس تي مليو آهي.