خورشيد شاهه جو وڌيڪ 6 ڏينهن جو رمانڊ منظور، نيب قانون ختم نه ڪرڻ توهان جي غلطي آهي: احتساب عدالت

سکر:- احتساب عدالت سکر پاران آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار خورشيد شاهه جي رمانڊ ۾ 6 ڏينهن جي واڌ ڪندي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. خورشيد شاهه احتساب عدالت جي جج کي ٻڌايو ته اڄ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ان ڪري آهن ته منهنجي مٿان چوري جو الزام هنيو ويو آهي مونکي ٽن مهينن لاء يا سڄي زندگي نيب حوالي ڪيو وڃي. جج خورشيد کي مخاطب ٿيندي چيو ته شاهه صاحب اوهان کان به غلطي ٿي آهي جو نيب قانون ختم ناهي ڪيو. نيب سکر آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي رمانڊ لاء احتساب عدالت جي جج امير علي مهيسر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ان دوران نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته خورشيد شاهه ڪرپشن ۾ ملوث آهي خورشيد شاهه جي ايم سي بي بئنڪ اڪائونٽ ۾ ٽيهه ڪروڙ پيل آهن ۽ اٺاويهه ڪروڙ روپين جي آمد رفت به ٿي آهي وڪيل موجب خورشيد شاهه انصاف ڪاٽن فيڪٽري ۾ پنجويهه سيڪڙو ڀائيوار آهي خورشيد شاهه کان جيڪو ڪجهه ڀڇا ڪيون ٿا ته ڪجهه به نٿو ٻڌائي جاچ لاء وڌيڪ پندرنهن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي ان دوران خورشيد شاهه جي وڪيل جو چوڻ هو ته نيب کي جيڪو ڪجهه گهربل هو اهو ڏنو ويو آهي نيب اجايو وڌيڪ رمانڊ گهري رهي آهي ٻڌڻي دوران خورشيد شاهه جج سان مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ منهنجي اکين ۾ ان ڪري ڳوڙها آهن ته منهنجي مٿان نيب چوري جو الزام هنيو آهي ڀلي اهان نوي ڏينهن لاء يا وري سڄي زندگي نيب حوالي ڪيو وڃي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته رات به منهنجي طبيعت خراب ٿي پئي اوهان صرف ان ڪري پيو ٻڌايان ته رات جو اوهان به ان تي سوچو ويهي جنهن تي جج امير علي مهيسر ريماڪس ۾ چيو ته شاهه صاحب اوهان کان به هڪ غلطي ٿي آهي نيب قانون ختم ناهي ڪيو ويو اوهان ضمانت يا آزادي لاء پراپر طريقيڪار استعمال ڪيو جنهن بعد عدالت پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي وڌيڪ ڇهه ڏينهن جي رمانڊ ۾ واڌ ڪندي نيب کي 15 آڪٽوبر تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي خورشيد شاهه جي عدالت ۾ پيشي دوران ڊيوٽي تي موجود اهلڪار آغا شاهنواز کي معطل ڪيو ويو آهي.