حڪومت ۽ واپارين وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط ختم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو

اسلام آباد:- حڪومت ۽ واپارين وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط ختم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.ناڻي واري وفاقي صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ واپارين جي وفد وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن جنهن ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي واري صلاحڪار حفيط شيخ چيو ته سڃاڻپ ڪارد جي ذريعي وڪرو ۽ خريد ڪرڻ جي شرط تي ڪارروائي 3 مهينن لاءِ 31 جنوري تائين ملتوي ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. 10 ڪروڙ تائين سالانه سيلز وارن واپارين کي ود هولڊنگ ايجنٽ نه بنايو ويندو. سيلز ٽيڪس رجسٽريشن جي لاءِ بجلي جي بل جي حد 6 لک روپيه سالانه وڌائي 12 لک روپيه سالانه ٿيندي.واپارين جي مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ ايف بي آر اسلام آباد ۾ خاص ڊيسڪ قائم ڪيو ويندو. حفيظ شيخ چيو ته نئون رجسٽريشن ۽ ٽيڪس ريٽرم فارم اردو ۾ ڏنو ويندو. ملڪي ۽ مقامي سطح تي مسئلن جي حل لاءِ واپارين جون ڪميتيون جوڙيون وينديون. سونارن جي مسئلن، سالانه فيسن جي گهٽتائي جي لاءِ واپارين جي ڪميٽي الگ سان مسئلا حل ڪرائيندي. گهٽ منافعي وارن هول سيلرن جي لاءِ ٽرن اوور جي شرح واپارين جي ڪميٽي سان ڳالهيون کان پوءِ وڌيڪ گهٽ ڪيو ويندو. 10 ڪروڙ تائين سالانه سيل تي ٽرن اوور ٽيڪس جي شرح 1.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 0.5 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.ان موقعي تي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي چيو ته واپارين جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط جو قانون پنهنجي جڳهه تي موجود آهي. صرف جنوري 2020 تائين سڃاڻپ ڪارڊ نه ڏيڻ تي ڪارروائي ملتوي ڪري رهيا آهيون. واپاري ڪجهه به ڪن پر سڃاڻپ ڪارڊ واري شرط ختم نه ٿيندي.جنوري 2020 کان پوءِ سڃاڻپ ڪارڊ نه ڏيندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.  واضح رهي ته اضافي ٽيڪس ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط جي خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ واپارين ٻئين ڏينهن به شٽربند هڙتال ڪئي. ذريعن موجب ايف بي آر واپارين جي لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم به تيار ڪري ورتي آهي.