حڪومت ۽ اسٽيٽ بينڪ ملڪ جي معيشت سنڀالڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي : شهباز شريف

لاهور :- ن ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي م اپوزيشن ليڊر شهباز شريف رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ اسٽيٽ بينڪ ملڪ جي معيشت سنڀالڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، شهباز شريف چيو ته حڪومت جي ناڪامي ۽ ناقص ڪارڪردگي باهه تي تيل وارو ڪم ڪري رهي آهي، حڪومت کي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻو هو، پر اها اونڌو عوام جي ڳچي ۾ معاشي ڦاهو وجهي ڇڏيو آهي. شهباز شريف جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته حڪومت جي پاليسين جي ڪري بحران پيدا ٿيو آهي، جنهن سبب عام ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيا آهن. شهباز شريف چيو ته هڪ هفتي بعد ٻيو ڀيرو سود جي سرح ۾ گهٽتائي اسٽيٽ بينڪ جي پاليسي جي ناڪامي آهي. شهباز شريف چيو ته جنهن شين جي بر آمد بابت قوم سان واعدا ڪيا ويا، اهي پورا ناهن ٿي سگهيا پر مٿان وري تباهي ٿي رهي آهي. شهباز شريف چيو ته حڪومت جي ناڪامي ۽ ناقص ڪارڪردگي باهه تي تيل وارو ڪم ڪري رهي آهي، حڪومت کي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻو هو، پر اها اونڌو عوام جي ڳچي ۾ معاشي ڦاهو وجهي ڇڏيو آهي.