حڪومت ڪرونا وائرس ڪيسن ۾ مصروف، ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پنجين ڏينهن به احتجاج هزارين مريض رلي ويا

ڪراچي :- سنڌ ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ پنجين ڏينهن به اوپي ڊيز بند ڪري احتجاج ڪرڻ سبب هزارين مريض رلي ويا. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ ٻن کان چئن ڪلاڪن تائين او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو. حيدرآباد جي سول اسپتال، شاهه ڀٽائي، پريٽ آباد، سي ڊي ايف ۽ مينٽل اسپتال جي ڊاڪٽرز، نرسز ۽ پيراميڊيڪل عملي او پي ڊيز جي تالابندي ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي عبداللطيف اوٺو، عبدالمجيد جتوئي، گلناز ۽ ٻين چيو آهي ته سڀاڻي تائين مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته سومر کان اسپتالون بند ڪيون وينديون. ڪوٽڙي، ڄامشورو، هالا، سيوهڻ، ڀان سيد آباد، دادو، ميهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف احتجاج ڪندي مطالبن جي مڃتا لاءِ نعريبازي ڪئي. ڪشمور، بدين، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، سنڌڙي، پنو عاقل، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي پيرا ميڊيڪل عملي پاران مظاهرا ڪيا ويا. نوشهروفيروز، فيض گنج، شاهپور چاڪر، مدئجي، خانواهڻ ٻين شهرن ۾ به ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل عملو احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران هزارين مريضن سخت گرمي ۾ تڙپندا رهيا. احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرز پيرا ميڊيڪل عملي جو چوڻ آهي ڪورونا وائرس رسڪ الائونس، ٽائيم اسڪيل ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. جڏهن ته اسپتالن ۾ علاج لاءِ آيل مريضن ۽ سندن وارثن جو چيو آهي ته سخت گرمي ۾ تڙپون ٿا پوءِ به ڪنهن کي بيمارن تي رحم نٿو اچي، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اسان جو علاج نٿو ڪيو وڃي