حڪومت پاران پرچون جا پنجاهه هزار نوان دڪان کولڻ لاءِ قرض ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت عوام لاءِ سستين شين ۽ روزگار جي فراهمي جو منصوبو بڻايو آهي، جنهن تحت ملڪ ۾ 50 هزار نوان پرچون جا دڪان کوليا ويندا . ذريعن موجب حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ريٽيل اسٽورز کولڻ جي لاءِ شهرين کي 5 لک رپين تائين قرض ڏنا يندا ۽ 1500 ريٽيل اسٽورز فوري طور تي کوليا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ريٽيل اسٽورز کي 60 سيڪڙو شيون يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن سپلاءِ ڪندي، جڏهن ته باقي 40 سيڪڙو شين جو بندوبست اوپن مارڪيٽ مان اسٽور مالڪ پاڻ ڪندا. حڪومت جي ان منصوبي سان 50 هزار خاندانن کي سڌوسنئون روزگار جا موقعا ملندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته راشن ڪارڊ اسڪيم کي حتمي شڪل ڏيڻ جو عمل به آخري مرحلي ۾ آهي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان يوٽيلٽي اسٽورز کي 7 ارب رپين جو رليف پئڪيج رمضان کانپوءِ به جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو هوته يوٽيلٽي اسٽورز کي 8 کان 10 ارب رپين جي اضافي مالي وسيلن جي ضرورت آهي، جنهن تي وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي وسيلا فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي.