حڪومت پاران بيروزگار ٿيندڙن کي 12 هزار ڏيڻ ۽ ننڍو ڪاروبار ڪندڙن جو بل ڀرڻ جو فيصلو

اسلام آباد:-  اقتصادي رابطه ڪميٽي ملازمت ۽ ڪاروبار بابت ٻه پيڪيج منظور ڪري ورتا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صنعت ۽ پيداوار جي وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته صنعت، ڪاروبار ۽ ملازمتن بابت ٻه پيڪيج اي سي سي منظور ڪيا آهن جيڪي سڀاڻي وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيا ويندا، ڪابينا کان منظوري بعد پيڪيج جا تفصيل ويب سائٽ تي رکيا ويندا. هن چيو ته بيروزگار ٿيندڙن لاءِ 75 ارب روپين جو پيڪيج منظور ڪيو آهي، ملازمت کان بيروزگار ٿيندڙ پاڻ کي پورٽل تي رجسٽر ڪرائن، احساس پروگرام ۽ صنعت و پيداوار پورٽل لانچ ڪندي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پيڪيج جا تفصيل صنعت ۽ پيداوار جي وزارت ۽ احساس پروگرام جي ويب سائٽ تي رکيا ويندا، پيڪيج تحت بيروزگار ٿيندڙن کي في ڪس 12 هزار روپيا ڏنا ويندا جڏهن ته ٻئين پيڪيج تحت ننڍو ڪاروبار ڪندڙن جو 3 مهينن جو بل حڪومت ادا ڪندي اهڙيءَ طرح 80 سيڪڙو صنعتون بل جي ادائيگي جي سلسلي ۾ فائدو حاصل ڪنديون. حماد اظهر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ 6 ڪروڙ گهر آهن ۽ اسان هڪ ڪروڙ 70 لک گهرن تائين امداد پهچائينداسين.