حڪومت لاهور جلسي ۾ رنڊڪ وڌي ته سندن حشر خراب ٿيندو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد :- پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان 31 ڊسمبر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبليز تان استعيفائون پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڊي ايم اجلاس ۾ نواز شريف استعيفائون مولانا فضل الرحمان آڏو پيش ڪرڻ جي تجويز ڏني. جنهن تي سمورين پارٽين اتفاق ڪيو: اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت سان ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جي تاريخ طئه ڪرڻ لاءِ سڀاڻي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته 13 ڊسمبر تي لاهور وارو جلسو ضرور ٿيندو، حڪومت رنڊڪ وڌي ته سندن حشر خراب ٿيندو.