حڪومت طرفان تشدد جو نشانو بنايو ويو ته بدلو وٺنداسين: مولانا فضل الرحمان

راولپنڊي: جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت طرفان تشدد جو رستو ورتو ويو ته پوءِ بدلو ورتو ويندو. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪنهن به اداري سان ٽڪراءُ کان سواءِ پرامن مارچ ڪيو ويندو. اسان ادارن سان ٽڪراءُ ۾ نٿا اچڻ چاهيون. هن چيو ته ڪوبه ادارو اسان کان اسان جو حق نه کسي، حق ڦريا ويا ته اڄ نه ته سڀاڻي بدلو وٺنداسين. جي يو آءِ اڳواڻ چيوته ووٽ چوري ڪري ۽ زبردستي ڏاڍ مڙهڻ کي برداشت نه ڪنداسين.هن چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان ئي هنن جي حڪمراني کي قبول نه ڪيو هو. هنن کي هاڻي  استعيفيٰ  ڏيڻي پوندي. هن چيو ته اڄ پوري قوم ناجائز ۽ نااهل حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار  ۽ پرعزم آهي. هن چيو ته 27 آڪٽوبر کان اسلام آباد جي لاءِ مارچ شروع ٿي ويندو جيڪو 31 تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندو. مولانا فصل الرحمان هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته ڳالهين جي لاءِ ڪوبه رابطو ناهي ٿيو. آزادي مارچ ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڪابه تجويز آهي ته اها سامهون آندي وڃي پوءِ غور ڪنداسين.جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته حڪمرانن  پهريان چيو هو ته ڪنٽينر ڏينداسين هاڻ چون ٿا ته روڊن تان گذرڻ نه ڏينداسين. هاڻ عوام حقيقي انداز ۾  ايندي ان لاءِ ايوانن ۾ هلچل مچي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان ڪشمير فروش آهي. انڊيا کي آرٽيڪل 370 هٽائڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪابه سفارتڪاري ناهي ڪئي وئي. اسان آمريڪا جو اعتماد حاصل ناهيون ڪري سگهيا ۽ دوست ملڪن اسان کي ووٽ نه ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم صرف ٻاهر وڃي تقرير سٺي ڪئي پر پاڪستان گهربل ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو. هاڻ ڪشمير فروشن کي واڳوئن جا ڳوڙها ڳاڙڻ جي  ڪابه ضرورت ناهي.