حڪومت شهرين جو تحفظ ڪرڻ انهن کي ڪرونا کان محفوظ رکڻ جو ڪو به بندوبست نه ڪيو آهي: جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض علي چانڊيو

حيدرآباد:-  جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض علي چانڊيو، عزيز الله ڀٽو، عابد حيدري، غفار ميرجت،حيدرخان جتوئي پنهل جمالي، اياز سولنگي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرونا جي وبا تفتان باڊر ۽ تبليغ جماعت جي جٿن جي ذريعي وفاقي سرڪار منظم نموني سان آندي هئي ۽ جڙتو لاڪ ڊائون ۽ ڪوڙو سمارٽ لاڪ ڊائون رڳو عوام سان ڌوڪو هيو هن وقت عمران سرڪار سڄي ملڪ ۾ ڪرونا جي وبا عام ڪئي آهي هو پنهنجي مڪروع چهري جي ذريعي عوام کي تباهه ڪرڻ لا ڪاروبار کولڻ جا ناٽڪ رچائي رهيو آهي پر هن جي حڪومت شهرين جو تحفظ ڪرڻ انهن کي ڪرونا کان محفوظ رکڻ جو ڪو به بندوبست نه ڪري رهي آهي ۽ سنڌ ۾ ته ڀيانڪ ظلم آهي ته پ پ سرڪار ڪرونا ڪرونا ڪري اربين رپين جي بجيٽ هڙپ ڪري رهي آهي پ پ ۽ تحريڪ انصاف 2020۽ 2021 ۾ سنڌ ۾ مڪمل ڏڪار آڻڻ گهرن ٿيون ڇو ته هن ٻنهي حڪومتن ماڪڙ کي ٻن سالن ۾ ڪا ڪوشش نه ورتي آهي جنهن سبب ڀيانڪ ڏڪار پيدا ٿيندو ۽ ٻئي طرف تحريڪ انصاف سنڌ جي ماڻهن کي صحت جي مد ۾ نه تعليم جي بهتري نه صاف پاڻي جي دستيابي مهيا ڪري ڏئي رهي آهي پر عمران خان سنڌ جو ناڻو لٽڻ لا نئين بجيٽ ۾ مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي ته سنڌ جي عوام کان سندس ناڻي ۽ قدرتي وسيلا کسي دائمي طور تي بک بدحالي ۽ ڪرونا جي وبا جي ذريعي تباهه ڪرڻ گهري ٿو جيڪو قابل مذمت آهي