حڪومت سنڌ جو مختلف ضلعن ۾ انٽرا سٽي بس، وين ۽ ڪوسٽر هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي :- سنڌ حڪومت سنڌ جي وڌيڪ ضلعن ۾ انٽرا سٽي بس، وين ۽ ڪوسٽر هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جاري پڌرائي مطابق صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاه چيو آهي ته سنڌ حڪومت انٽرا سٽي بس، وين ۽ ڪوسٽر سنڌ جي ضلعن ۾ هلائڻ جي لاءِ ٽرانسپورٽرز کان تجويز طلب ڪيون آهن. ٽرانسپورٽرز سنڌ حڪومت جي تعاون سان مختلف ٽرانسپورٽرز کي روٽ پرمٽ، بس جي اڏن ۽ ٻين سهوليتون مفت فراهم ڪندي. انٽرا سٽي بس، وين ۽ ڪوسٽر ٽرانسپورٽ کاتي جي ماتحت هلندي.هن چيو ته خواهشمند ٽرانسپورٽرز کي ٽرانسپورٽرز کاتي تمام ٽيڪينڪل سهوليات فراهم ڪندي، ٽرانسپورٽرز کي 40 جي ويجهو بس، وين ۽ ڪوسٽر هلائڻ جو تجربو هجي ته هو حڪومت سان رابطو ڪن. انٽرا سٽي بس، وين ۽ ڪوسٽر سنڌ جي ضلعن جي اندر هلندي، سنڌ حڪومت پيپلز بس سروس جو تحفو صوبي جي سمورن ضلعن کي ڏيڻ چاهي ٿي.