حڪومت راشن تي به ڪرپشن ڪئي آهي:صنعان قريشي

هڱورجا:- جسقم چيئرمين صنعان قريشي،سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، ايوب لاشاري هڱورجا پهچي درگاهه سخي ناصر شاهه جي گادي نشين پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري جي ڀيڻوي ۽ فنڪشنل ليگ ضلعي خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاهه لڪياري سان سندس ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي.ان موقعي تي صنعان خان قريشي چيو ته ڪرونا وائرس انتهائي خطرناڪ وائرس آهي،جنهن سڄي دنيا جي سڌريل ملڪن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي،ان ڪري ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته لاڪ ڊائون جي ڪري سنڌ جا پورهيت گھرن ۾ بند هجڻ ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن پر حڪمران غريبن جي راشن جي نالي تي به ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي.