حڪومت خاموشي سان ڀارت لاءِ واپار جو رستو کولي ڇڏيو: پيپلزپارٽي

اسلام آباد :- پيپلز پارٽي جي اڳواڻ پلوشه خان چيو آهي ته حڪومت خاموشي سان ڀارت لاءِ واپار جو رستو کولي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفيسه شاهه، پلوشه خان ۽ حيدر زمان قريشي پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي پلوشه خان چيو ته ڀارت جي افغانستان سان واپار لاءِ واهگه بارڊر بنا ٻڌائڻ جي کوليو ويو، حڪومت ڪنهن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ ڀارت لاءِ واپار جا رستا کولي ڇڏيا، اسان عمران نيازي کان پڇون ٿا ته ڪنهن جي حڪم تي ڀارت کي نوازيو پيو وڃي؟ هن چيو ته 5 آگسٽ تي ڪشمير جي حوالي سان حڪومت اِهو ڊرامو رچايو. پلوشه خان چيو ته قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري جي سوالن جو اڃان تائين ڪو به جواب ناهي آيو، ذلفي بخاري اشتهاري آهي جيڪو روز ويلٽ هوٽل تي نظرون ڄمائي ويٺو آهي، سمورا وزير بنارسي ٺڳ آهن جيڪي عوام کي ڦرن پيا ۽ هنن کي ماري به رهيا آهن.  هن وڌيڪ چيو ته احسان الله احسان جي بلاول ڀٽو زرداري کي ڌمڪي سڌي سنئين عمران سان سلهاڙيون ٿا، احسان الله احسان جي خبر هئڻ گهرجي ته هو ڪٿي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ نفيسه شاهه چيو ته پي ٽي آءِ وبا بڻجي حڪمراني ڪري رهي آهي، 2 سالن کان عوام تي مڙهيل آهي، بلاول ڀٽو حڪومت کي ڪرپشن تي 3 چيلينج ڪيا، هن وقت تائين جواب ناهي آيو، چيئرمين بلاول ڀٽو پارليامينٽ سميت سمورن فورمز تي هنن کي چيلينج ڪيو، بلاول ڀٽو چيلينج ڪيو ته پنجاب ۽ ڪي پي  ۾ سنڌ جي اسپتالن جهڙيون اسپتالون ڏيکاريو. نفيسه شاهه وڌيڪ چيو ته احسان الله احسان جي سيف هائوس مان فرار ٿيڻ جو ڪو به جواب ناهي مليو