حڪومت حفيظ شيخ کي قومي مالياتي ڪميشن مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد:- حڪومت، ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ کي قومي مالياتي ڪميشن مان ڪڍي ڇڏيو،  اين ايف سي جي جوڙجڪ بابت نئون نوٽيفڪيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش  ڪرڻ بعد عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي. اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ قومي مالياتي ڪميشن جي جوڙجڪ خلاف ن ليگ اڳواڻ خرم دستگير جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اٽارني جنرل خالد جاويد وفاقي حڪومت جو قومي مالياتي ڪميشن جي جوڙجڪ بابت نئون نوٽيفڪيشن پيش ڪيو. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌاوي هت جنهن نوٽيفيڪشن کي چئلينج ڪيو ويو هو، اهو حڪومت واپس وٺي ڇڏيو آهي، هاڻي نئون نوٽيفڪيشن  جاري ڪيو آهي، جنهن سان پهريون نوٽيفڪيشن بي اثر ٿي ويو. هن چيو ته هاڻي نئين نوٽيفڪيشن موجب ناڻي واري صلاحڪار کي قومي مالياتي ڪميشن ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. اٽارني جنرل چيو ته مالياتي ڪميشن جي جوڙجڪ  واري پراڻي نوٽيفڪيشن تي کيس به اعتراض هئا، هاڻي عدالت کي درخواست آهي ته خرم دستگير جي درخواست کي بي اثر قرار ڏنو وڃي. ان موقعي تي محسن شاهنواز رانجها چيو ته سندن اعتراض هو ته صلاح مشوري کانسواءِ ڪميشن جوڙي وئي، پر اها سندن ڪاميابي آهي ته هنن حڪومت کي آئين تحت ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. عدالت نئون نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ بعد خرم دستگير جي درخواست اڪلائي ڇڏي