حڪمران جماعت جا ڪارندا ڪرونا جي وبا ۾ غريب عوام جي راشن تي پنهنجا پيٽ ڀري رهيا آهن: سيد جلال محمود شاه

ڄامشورو:- ڪورونا عالم انسانيت جي بقا لاءِ ھڪ چئلينج آھي جڏھن ت دنيا جي جنگي ذھنيت ھن وبا جي ڏينھن ۾ پڌري ٿي چڪي آھي ت قومن جي طاقت ھٿيارن ۽ جنگي سامان جي جديد ھجن سان ڪو نه ھوندي آھي . ايندڙ دور ۾ صرف اھي قومون ترقي ڪري سگھنديون جيڪي ڪورونا جھڙين قدرتي آفتن کي منھن ڏئي سگھنديون ۽ انساني ترقي ۽ بقا لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھنديون اھڙي قسم جو اظھار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو . اجلاس ۾ اھو چيو ويو تھ سنڌ حڪومت جي سرڪاري مشينري توڙي حڪمران جماعت جا ڪارندا اڄ بھ انھيءَ ڪورونا جي وبا ۾ غريب عوام جي راشن جي نالي ۾ پنھنجا پيٽ ڀري رھيا آھن . شرم جھڙي ڳالھ آھي تھ ھڪ صابڻ جي چڪي ڪنھن غريب کي ڏيئي انھي تي فوٽو ڪڍرائي عوام جي تذليل ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌ حڪومت جو وڏي وزير، پنھنجي وزيرن سميت پنھنجي پاڻ ساراھ ڪري رھيا آھن ۽ ڪروڙين روپيا اشتھارن تي خرچ ڪري پنھنجون ناڪاميون لڪائي رھيا اھن جڏھن عوام جي راشن کان وڌيڪ اشتھارن تي خرچ ڪيو پيو وڃي . اجلاس ۾ وفاقي سرڪار طرفان احساس ڪفالت پروگرام تحت عوام کي ملندڙ 12000 جي امداد جي ساراھ ڪئي وئي ۽ انھيءَ طريقي سان سان مستحق ماڻھن تائين پئسا پھچي سگھن ٿا انھيءَ ٽرانپيرنٽ طريقي سان پيسا ڏيڻ گھرجن سنڌ حڪومت جو وڏيرن ، ڪمدارن ، ڪائونسلرن ۽ تپيدارن ذريعي امداد ورھائڻ جو طريقيڪار نامناسب ۽ ڪرپٽ پريڪٽس آھي . اجلاس ۾ گھر ڪئي وئي تھ سنڌ سرڪار سنڌ جي ھر ضلعي سطح تي ڪورونا جي وبا کي منھن ڏيڻ لاءِ سينٽر قائم ڪري ۽ ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽرن توري عملي لاءِ مڪمل تحفظ واريون ڪٽس مھيا ڪيون وڃن .
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تھ سنڌ يونائيٽيد پارٽي ڪارڪن سموري سنڌ ۾ سوشل ڊسٽنسز کي يقيني بنائڻ لاءِ ۽ عوام جي خدمت لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا . اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تھ ڪورونا جي سبب سائين جي ايم سيد جي 25 ھين ورسي جو جلسو نھ ڪيو ويندو جڏھن تھ مرڪزي باڊي سائين جي ايم سيد جي مزار تي 25 اپريل 2020ع تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھيندا . انھي سان گڏوگڏ سنڌ جي ساڃاھ وندن ۽ قومي پارٽين جي اڳواڻن سان رابطا ڪري آئيندھ لاءِ گڏيل لائح عمل جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي