حيدرآباد ۾ 2019ع جي آخري سج کي سنڌو ڪپ تي الوداع

حيدرآباد:- حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن ۾ 2019 جي سال کي الوداع ڪرڻ لاءِ شهري پنهنجن گهرن جي ڇتن، کليل هنڌن سميت سنڌو درياهه جي ڪپ تي پهچي سال جي آخري لهندڙ سج کي الوداع ڪيو.هزارين شهرين اديبن، ڏاهن توڙي سياسي، سماجي اڳواڻ سان گڏ سرد هوائن ۽ ٿڌي موسم ۾ سنڌو درياهه جي ڪپ تي پهچي لهندڙ سج کي الوداع ڪرڻ لاءِ درياهه ۾ گلن جي نڇاور ڪئي.ان سلسلي سنڌو درياهه جي ڪپ تي سال 2019 کي الوداع ڪندڙن ۾ ناليواري  دانشور تعليمي ماهر مشتاق ميراڻي جو چوڻ هو ته  نئون سال سنڌ سميت سموري ملڪ لاءِ خوشيون آڻيندو.جڏهن ته 2019 جو سال سنڌ لاءِ تباهڪار ثابت ٿيو منهگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، وفاقي توڙي سنڌ جي حڪموت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو.  سماجي اڳواڻ پنهل ساريون جو چوڻ هو ته سال 2019 روايتي طور  رهيو، قتل غارت ۽ اغوا جو سال هو، جڏهن ته ان سال ۾ هارين سميت ڪنهن به پنهنجا بنيادي حق نه ملي سگهيان. پ پ جي سينيٽر ڪرشنا ڪماري چيو ته سال 2019 تبديلي جو نه پر تباهي جو سال هو، پاڻي جي کوٽ سان گڏ بيروزگاري ۽ مهنگائي جو سال هو، زراعت تباهه ڪئي وئي. سنڌ جي حقن تي ڌاڙا لڳايا ويا،جڏهن ته ايندڙ سال 2020 مان پر اميد آهيون ته بهتر هوندو. پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر سال 2020 کي  سنڌ لاءِ خوشحالي جو  سال قرار ڏنو.سماجي اڳواڻ ذوالفقار قادر ي جو چوڻ هو ته گذريل سال سنڌ سميت سڄي ملڪ کي ڀوڳڻو پيو جيڪي توقعات  هئا. اهي پورا نه ٿيا. جڏهن 2020  مان اميد رکجي سگهي ٿي ته انشاءَ الله بهتر هوندو.