حيدرآباد ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب 4 گهر ڀاتي فوت

حيدرآباد :- حيدرآباد ۾ لڱ ڪانڊريندڙ واقعو، ڪمري ۾گئس جو چلهو ٻاري رات جي ننڊ سمهڻ کان پوءِ هڪ ئي گهر جا معصوم ٻارن سميت 4 ڀاتي سدائي لاءِ سمهي پيا، علائقو سوڳ ۾ ڇائجي ويو هر اک آلي ٿي وئي.  حيدرآباد جي لطيف آباد نمبر 12 واري علائقي جي مجاهد ڪالوني ۾ جهڙمل هوٽل ڀرسان هڪ ٻن منزلن واري گهر جي هڪ ڪمري ۾ چلهي مان گئس ليڪ ٿيڻ جي ڪري ٻن معصوم ٻارن سميت هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا. فوتين ۾ گهر ڌڻي 40 سيد وقار ولد سيد ذوالفقار علي، سندس 30 سالن جي زال شبانه، 5 سالن جي وانيا ڌيءُ سيد وقار ۽ اڍائي سالن جو عبدالمعراب شامل آھن. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي سيد وقار پلمبري جو ڪم ڪندو هو. گذريل رات انهن گهر اندر چلهو ٻاري ان تي پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ ديڳڙي رکي ڇڏي هئي. رات جو دير سان گئس جي لوڊشيڊنگ ٿي جنهن ڪري ٻرندڙ چلهو اجهامي ويو ۽ جيئن ئي گئس واپس آئي ته چلهو کليل هجڻ جي ڪري ڪمري ڦهلجي وئي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي موت جو شڪار ٿي ويا. گهرڀاتي جڏهن ٻاهر نه نڪتا ته گهر جي هيٺين منزل ۾ رهندڙ سيد وقار جي پيرسن والده انيسه زال سيد ذوالفقار علي کي پريشاني ٿي جنهن کانپوءِ هن پاڙي مان ماڻهن کي سڏ ڪري پنهنجي پٽ ۽ گهرڀاتين جي سار سنڀال لهڻ جو چيو. پاڙي وارا ڄاڻايل گهر جي ڪمري ۾ داخل ٿيا ته هڪ ئي ڪمري ۾ لاش پيل هئا جنهن کانپوءِ انهن پوليس کي اطلاع ڏنو. اي سيڪشن پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ورتا ۽ پيءُ، پٽ ۽ ڌيءُ جا لاش ڀٽائي اسپتال جڏهن ته عورت جو لاش حلال احمر منتقل ڪيو. واقعي جي اطلاع تي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا. اطلاع تي ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو به ڀٽائي اسپتال پهتو ۽ واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. ڀٽائي اسپتال ۾ لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد رات دير سان سمورا لاش حلال احمر اسپتال لطيف آباد نمبر 6 منتقل ڪيا ويا، جتان غسل ۽ ڪفن بعد لاشن کي وارثن حوالي ڪيو ويو.