حيدرآباد ۾ ڪورونا تباهي مچائي ڇڏي، وڌيڪ 88 شهري وائرس ۾ وٺجي ويا

حيدرآباد:- حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 88 نوان ڪيس ظاهر. تفصيل موجب حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ هر ڏينهن تيزي سان واڌ ٿي رهي اهي. ڪالهه حيدرآباد ۾ وڌيڪ 88 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جيڪي مقامي ڪيس آهن.جن جي صحت کاتي جي عملدارن تصديق ڪئي آهي. سمورن مريضن کي مختلف اسپتالن ۽ گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين حيدرآباد ۾ ڪل ڪورونا وائرس جي مريضن جو تعداد 1429 ٿي چڪو آهي.