حيدرآباد ۾ ڪميونسٽ پارٽي پاران سوشلسٽ انقلاب جي 102هين سالگرهه ملهائي وئي،

حيدرآباد ۾ ڪميونسٽ پارٽي پاران سوشلسٽ انقلاب جي 102هين سالگرهه ڪميونسٽ پارٽي جي آفيس قاسم آباد ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ساٿين شرڪت ڪري سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ان موقعي تي پروگرام جي شروعات اقبال ڪئي، جنهن تي ڪامريڊ امداد قاضي ۽ ڪامريڊ منصور ٿهيم چيو ته چائنه اڄ مالياتي سرمايوڪاري ڪري 46  آفريڪن ملڪن جو مالڪ بڻجي چڪو آهي، پر پاڪستان چائنه کان ڪميشن حاصل ڪري گوادر پورٽ سميت بيشمار منصوبه ڏئي ڇڏيا آهن  هن چيو ته حڪمران آءِ ايم ايف جي ايجنڊا تي هلن ٿا، ڪميونسٽ ۽ کاٻي ڌر کي گهرجي ته محنت ڪش طبقي جو آواز بڻجي قومن کي پاڻ سان جوڙڻ گهرجي