حيدرآباد ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي

حيدرآباد:- سنڌ سُجاڳي فورم، وائيس فارمسنگ پرسنس آف سنڌ، عوامي ورڪرز پارٽي، حيدرآباد يوٿ اتحاد ۽ ايڊووڪيٽ محب آزاد جي وارثن پاران  ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن سياسي سماجي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ اولڊ ڪئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاجي ريلي ۽ مظاهري ۾ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي فائنانس سيڪريٽري ۽ وي ايم پي جي ڪوآرڊينيٽر سھڻي جويو، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلھو، جنرل سيڪريٽري لطيف لغاري، سنڌ سجاڳي فورم ضلعي حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري پير محمد نوناري، جوائنٽ سيڪريٽري اعزاز لغاري، ميڊيا سيڪريٽري مدثر لغاري، ڪراچي ضلعي اولھ جي آرگنائيزر ارجن باگڙي، سنڌ سجاڳي فورم جھمپير جي آرگنائيزر سرمد درس، حيدرآباد يوٿ اتحاد جي چيئرمين امجد رند، محب آزاد جي گھرواري عطرت بتول، عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪامريڊ عاليه بخشل، مھراڻ ميراڻي جي امڙ سڪينه ميراڻي، ڀاءُ نور ۽ ٻيا شريڪ هئا. ان دوران ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڪافي وقت کان وٺي وطن دوست ماڻهن کي کنڀيو پيو وڃي، پر ھاڻي ته حد ٿي وئي آهي جو قانون جي رکوالن کي به کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. هنن چيو ته جبري گمشدگيون نه صرف عالمي قانون جي پر انساني حقن واري قانون جي به لتاڙ آهن، سنڌ ۾ پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي محب وطن ماڻهن کي کنڀي گم ڪري انهن مٿان تشدد ڪرڻ وڏو ظلم آهي، عالمي ادارن کي اهڙي ظلم خلاف سگهارو آواز اٿارڻ گهرجي. هنن چيو ته سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري محب آزاد کي گم ڪئي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن، جنهن ڪري ان جي زندگي کي خطرو ٿي سگهي ٿو. هنن عالمي ادارن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته انساني حقن جي ھن سنگين لتاڙ خلاف ھن رياست تي دٻاءُ وجھي محب آزاد سميت سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪرائي انھن جي خاندانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي