حيدرآباد ۾ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ نوجوان شاگرد عاقب چانڊيو جي بازيابي لاءِ وائس آف مسنگ پرسنز پاران علامتي بک هڙتال

حيدرآباد ۾ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ نوجوان شاگرد عاقب چانڊيو جي بازيابي لاءِ وائس آف مسنگ پرسنز پاران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ گم ٿيلن جي وارثن سميت سياسي سماجي ، صحافين ۽ نوجوانن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جو اڳواڻ فتاح چنا، عوامي ورڪرز پارٽي اڳواڻ ڪامريڊ عاليه ، صحافي شاهنواز ڀٽي،  صحافي رزاق آسي، ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته رياستي ادارن پاران بنا ڪنهن ڏوهه ۽ الزام لڳڻ جي سياسي توڙي نوجوان شاگردن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، انهن جو ڏوهه صرف اهو آهي ته هو سنڌ جي حقن ۽ وسيلن جي گهرج لاءِ ڳالهائيندا هئا، جنهن تان انهن کي کنڀيو ويو، پر ڪجهه ماڻهن کي آزاد ڪري انهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪيو ويو، گم ٿيل قومي ڪارڪنن جي وارثن ۽ سماج سڌارڪ ، عالمي تنظيمن جي اڳواڻن کان مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن سميت نوجوان شاگرد عاقب چانڊيو جي آزادي لاءِ جوڳا قدم کڻي گم ٿيلن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.