حيدرآباد ۾ ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي قتل ۾ گينگ ملوث هجڻ جو انڪشاف، جاچ مڪمل، دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد :- حيدرآباد جي  او آر ڪالوني ۾  ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي اغوا کان پوءِ قتل وارو معاملو، مقتولن جي گهر تي اي آءِ جي سميت سياسي سماجي اڳواڻ پهچي ويا. جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيو. گهر ۾ روڄ راڙو علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول برقرار، جڏهن ته پوليس پاران جوابدارن جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪري ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ جوابدارن کي سامهون آڻڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ريجن غلام سرور جمالي دعويٰ ڪئي آهي ته حيدرآباد ۾ قتل ڪيل ٻن معصوم ٻارڙن جي قتل جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر سمورين حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويندو، ڪيس ۾ ڪيتريون ئي شيون مليون آهن، جن کي هن وقت ميڊيا جي سامهون آڻي نٿا سگهون. حيدرآباد جي جي او آر ڪالوني ۾ قتل ڪيل رخسانه سيال ۽ واحد بخش سيال جي تڏي تي پهچي سندن والد سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام سرور جمالي چيو ته هي واقعو تمام گهڻو ڏکوئيندڙ آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، واقعو ڏوهاري قسم جي ماڻهن ڪيو آهي. هن چيو ته مون ڏٺو آهي ته ڪجهه ماڻهن اهڙو موقف اختيار ڪيو آهي ته والدين پنهنجن ٻارڙن کي نٿا سنڀالين، پر اها ڳالهه غلط آهي، سمورن والدين کي پنهنجا ٻارڙا عزيز آهن. هن چيو ته هي ڪيس جي او آر ٿاڻي کان شروع ٿئي ٿو، ٻارڙا ڪنهن ڪم جي لاءِ گهر کان نڪرن ٿا پوءِ گم ٿي وڃن ٿا، ڪرائيم هڪ جڳهه تان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻئي هنڌ ختم ٿيو آهي، ان ڪري ڏوهه جي ايف آءِ آر به جي او آر ٿاڻي تي ئي داخل ڪئي آهي، جيڪڏهن ٻارڙو زخمي حالت ۾ هڪ ٿاڻي جي حد مان مليو آهي ۽ نينگريءَ جو لاش ٻئي ٿاڻي جي حد مان مليو آهي ته ان جو ڪيس داخل ٿيڻ تي ڪو به فرق نٿو پوي، ڇو ته ڏوهه جي جتان شروعات ٿي آهي ان جو ڪيس به ان ئي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته مون جاچ ڪندڙ ٽيم کي ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم هڻڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هي واقعو انتهائي خراب ۽ ڀيانڪ آهي ان واقعي جا اثر سماج تي پوندا آهن، جنهن جي ڪري خوف ۽ دهشت پکڙجي ٿي ان ڪري اسان دهشتگردي جا قلم ايف آءِ آر ۾ داخل ڪيا آهن.